بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي)شنگهائي ۾ مقرر پاڪستان جي قونص?? جنرل حسين حيدر چين جي جدت پسند سفر جي واکاڻ ڪندي ان کي پاڪستان لاءِ متاثر ڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان به ان قسم جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو ??هي. هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران اقتصادي،فني ۽ سماجي ترقي ۾ چين جي ڪاميابين جي واکاڻ ڪندي چيو ته چين جي معيشت جي عالمي سطح تي ترقي ذڪر جوڳي ??هي. هن چيو ته چين جي جاري 2 اجلاسن يعني نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۽ چيني عوام سياسي مشاورتي ڪانفرنس (سي پي پي سي سي) وڏي اهميت واري ??هي. جيڪي چين جي جمهوري نظام ۽ ان جي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گذريل 4 سالن کان شنگهائي ۾ قونص?? جنرل طور 02 سيشنز جي ڪاررواين کي ويجهڙائي کان ڏٺو ??هي. آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سا?? جنوريءَ ۾ جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ عالمي اقتصادي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي ??هي. اميد آهي ته چين 2024ع ۾ عالمي شرح کان اڳيان وڌي ويندو ۽ عالمي اقتصادي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو حصيدار رهندو. هن چيو ته سال 24ع لاءِ چين جو جي ڊي پي هدف ان جي معاشي مستقبل تي ان جي اعتماد ۽ اعليٰ معيار جي ترقيءَ لاءِ سندس عزم کي ظاهر ڪري ٿو. سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي ته گذريل 45 سالن ۾ چين جي اقتصادي ترقي غير معمولي رهي ??هي. پاڪستاني قونص?? جنرل ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو (بي آر آءِ) جي گڏيل تعمير ۾ چين جي اهم شراڪتدار طور ان سهڪار مان فائدو کنيو ??هي. سي پيڪ هڪ اهم منصوبو آهي جنهن پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي منظرنامي کي نمايان طور تي تبديل ڪري ڇڏيو ??هي. بنيادي ڍانچي کان علاوه ٻين ملڪن سان چين جو سهڪار مختلف شعبن بشمول واپار، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي مٽاسٽا تائين وسيع ??هي. پاڪستاني قونص?? جنرل اميد ظاهر ڪئي ته چين اقتصادي ترقي ۽ سماجي ترقيءَ جي پنهنجي يقيني منصوبن سان اڳيان وڌي رهيو ??هي. پاڪ- چين دوستي ۽ سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان گڏوگڏ مستقبل ٻنهي ملڪن لاءِ اميد ڏياريندڙ نظر اچي رهيو ??هي.