اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچ مظاهرين جي خلاف پو??يس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال، بلوچ مظاهرين تي پو??يس جي تشدد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پو??يس کي مظاهرين جي خلاف سختي سان پيش اچڻ نه گهرجي ها. نگران وزيراعظم چيو ته گرفتاري مظاهرين کي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪري رهيا آهيون. بعد ۾ صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلوچستان جي گورنر چيو ته پو??يس کي مظاهرين سان تحمل ۽ همدرديءَ سان پيش اچڻ گهرجي، ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ويو ته پو??يس کي حدن ۽ اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ گهرجي ها. بلوچستان جي گورنر چيو ته پو??يس احتجاج ڪندڙن کي فوري آزاد ڪري. ٻنهي اڳواڻن بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.