ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمعي ڏينهن ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) بل??چستان جو دورو ڪيو. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي، اطلاعات واري سيڪريٽري عمران خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد نور کيتران آفيسرن سان گڏ اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊي جي پي آر انفارميشن سيل سميت مختلف شعبن جو جائزو ورتو ۽ حڪومتي پاليسين ۽ فلاحي قدمن کي ميڊيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ جي اهم ڪردار کي ساراهيو. اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊي جي پي آر بل??چستان کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي، اطلاعات واري سيڪريٽري عمران خان ۽ ڊي جي پي آر بل??چستان محمد نور کيتران اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي شيلڊز پڻ پيش ڪيون.