اسلام آباد – 21 – نومبر (??ي پي پي) اط??اعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ت?? اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن اط??اعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري ظهور احمد سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي اط??اعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي شاهيره شاهد کي اط??اعات جي سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سيڪريٽريٽ گروپ جي سينيئر آفيسر اڳوڻي سيڪريٽري ظهور احمد جي اط??اعات واري وزارت جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ?? اط??اعات واري وزارت جي ڪارڪردگي، ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي مثبت اميج کي فروغ ڏيڻ ۾ وزارت جي ڪردار سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ?? ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجن ۽ موقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا انڊسٽري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته وفاقي اط??اعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻو سيڪريٽري ظهور احمد قابل آفيسر آهن، انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته حڪومت متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ت?? اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. ٽيڪنالاجي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص، پنهنجي ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڪاميابين کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جو تحفظ اسان جو پختو عزم آهي. هن چيو ته اط??اعات ?? ن??ري??ت جو شعبو پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.