اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪس??ان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي آفريقي کنڊ س??ن پنهنجا لاڳاپا خاص طور تي و??پا??، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪس??ان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪس??ان جي آفريقي کنڊ س??ن پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي و??پا??، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا جي خواهش کان آگاهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هن روانڊا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪس??ان 2021ع ۾ ڪيگالي ۾ پنهنجو مشن کوليو. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت ??ي زور ڏيندي نگران وزيراعظم جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر جي پهرين دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم روانڊا جي تازن سالن ۾ حاصل ڪيل شاندار اقتصادي ترقي کي پڻ ساراهيو. جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ قيام دوران هن پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آف??سرن ۽ نجي شعبي سان ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. روانڊا سينيٽ جو وفد سينيٽ آف پاڪس??ان جي چيئرمين جي دعوت تي پاڪس??ان جي سرڪاري دوري تي آهي.