ارومچي – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غريوم (اتر وزيرستان) اس??ان منزه (ڏکڻ وزيرستان) ۾ دهشتگردن سان جهڙپن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪست??ني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيدن کي خر??ج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز گهربل دهشتگرد حضرت ز??ان سميت 6 دهشتگردن کي ماريو. هن چيو ته پوري پاڪست??ني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جيستائين پاڪ سرزمين تان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.