اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي شهيدن کي ملڪ جي دفاع خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪ??ي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 13 جولاءِ تي ڪڇي ڪينال، سوئي بل??چستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊا??ٽر عارف علوي نائيڪ اسماعيل خان، سپاهي عبدالغفور ۽ سپاهي شفقت الله جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر و??رثن سان ڳالهه ٻولهه دوران شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قرباني جي جذبي ۽ حب الوطني کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بل??دي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.