اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ض??عن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شاهه گل آفريدي جي قيادت ۾ انضمام ٿيل ض??عن جي سياسي اڳواڻن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مر??ضي?? جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير م??ام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد مسلم ليگ (ن) جي انضمام ٿيل ض??عن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن کانپوءِ فاٽا جو قانونسازي جي ذريعي انضمام ممڪن ٿي سگهيو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت جي چار سالن ۾ انضمام ٿيل ض??عن جي ترقي کي نظرانداز ڪ??و ويو جنهن جي ڪري جيڪا منصوبابندي مسلم ليگ (ن) جي قيادت انهن ض??عن جي حوالي سان ٺاهي هئي ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم پاڻ انضمام ٿيل ض??عن جي ترقي ۽ خوشحالي کي قومي ترجيح جو درجو ڏي ٿو. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪندي پشاور ۾ پاڻي جي شديد مسئلي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڙيسري ملڪ افغانستان سان واڳيل سرحدي علائقن ۾ واپار جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان حوالي سان اهڙن قدمن جي خاطري ڪرائي جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ گڏيل واپار سان بهتري ايندي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ضم ٿيل ض??عن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.