اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ مخصوص نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي حوصلا افزائي ۽ مدد سرڪاري ۽ نجي شعبن جي گڏيل ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان فائونڊيشن فائٽنگ ??لا??نڊنس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر انيس الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ڪارائتو شهري ب??ائ?? جي لاءِ تربيت ۽ مخصوص مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ماڻهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر حڪومتي ۽ نجي شعبن تي ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته روين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي لاءِ خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن بابت ??عو?? اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر انيس الرحمان صدر کي اکين کان محروم ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فائٽنگ ??لا??نڊنس فائونڊيشن گذريل 10 سالن دوران 50000 کان وڌيڪ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي زندگين کي بدلايو، ڏسڻ کان محروم ٻارن خاص طور تي اسلام آباد، ??لگ?? بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڇوڪرين کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج هاسٽل جي سهولتن جي کوٽ آهي. صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته ڏسڻ کان محروم شاگردن کي درپيش هڪ وڏو مسئلو امتحانن دوران لکڻ جي لاءِ معاونين جي عدم دستيابي آهي.