اسلام آباد – 29 – ما??چ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي سڌارن جي بل جي منظور?? سان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي 8 هين ترميم جي خاتمي جي حوال?? سان قومي اسيمبلي کي تاريخي خطاب جو حوالو ڏنو جنهن ۾ قائد نواز شريف چيو هو ته ”اڄ عملي طور تي ڪري ڏي??ار??و آهي ته هر شيءَ جو پنهنجو وقت هوندو آهي ۽ پنهنجي وقت تي جيڪڏهن اها شيءَ خوش اسلوب?? سان ٿي وڃي ته اهو ئي بهتر هوندو آهي، غيرضروري گوڙ ڪرڻ ۽ ڪرڻو ڪجهه ناهي، ما??ي جون روايتون آهن، اسان کي اُها ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن تي اسان عمل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، اهو پاڪستان جو مفاد ۽ پارليامينٽ جي بالادستي آهي، اڄ پارلياماني جمهوريت جو روح زندهه ٿي ويو آهي، جنهن انداز ۾ هي سڄي ڪارروائي ٿي، اهو ان ڪم جي نوعيت کان وڌيڪ خوبصورت هو، اسان جي آڏو سدائين هڪ ئي مقصد هوندو“.