ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد سول ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جاري پڌرائي موجب ڪامران خان ٽيسوري هڪ ناليواري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آه?? ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آه??، ان کانسواءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن آف دي ڪنٽري جو اعزاز پڻ کيس ڏ??و ويو آه??. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز ملڻ تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ??ين??ي چيو ته ايوارڊ توهان جي خدمتن جو اعتراف آه??. سنڌ جي گورنر چيو ته هن ايوارڊ جي لاءِ الله تعاليٰ جو شڪرگذار آه??ان. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندو.