اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چوڌري محم?? شهباز بابر چيو آهي ته اسان جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، اسان متحد رهنداسين ته دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادا ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، پاڪستان الله تعاليٰ جو تحفو آهي، جنهن جو قدر ۽ منزلت ۽ تحفظ اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي، 23 مارچ تجديد جي وچن جو ڏينهن آهي، اڄ اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ ان جي دفاع لاءِ اسان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين. هو انفار??يش?? سروسز اڪيڊمي ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) جي اهتمام هيٺ پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان ڊيجيٽل فوٽوگرافڪ ايگزيبيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ اينڊ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز طارق محمود، فلم ڊائريڪٽر آصف رحمان، ايگزيبيشن جي ??پٽ?? ڊائريڪٽر ڊي اي ايم پي فاريه مغل کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي اعليٰ آفيسرن ۽ جاڙن شهرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. خصوصي مهمان ۽ شريڪ ٿيندڙن کي نمائش بابت بريفنگ ڏيندي ڊي اي ايم پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طارق محمود ٻڌايو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جاڙن شهرن جي تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تحريڪ پاڪستان، ڪشمير جي تحريڪ ??زادي بابت ڊيجيٽل تصويرن، پينٽنگز جي مقابلن جو انعقاد ڪيو، 200 کان وڌيڪ ??صويرون ۽ پينٽنگز ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ پينٽنگز کي چونڊي انهن کي نمائش ۾ رکيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چوڌري محم?? شهباز بابر نمائش جي افتتاح کانپوءِ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته مارچ 1940ع جو ڏينهن اسان جي قومي تاريخ جو سنگ ميل ۽ آزادي جي جدوجهد جو اهم موڙ آهي. ان ڏينهن مسلمانن ننڍي کنڊ مان پنهنجي منزل جو تعين ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ڏهاڙي تي اهو ئي پيغام سڀني جي لاءِ آهي ته توهان ديانتداري ۽ خلوص سان ملڪ جي خدمت ڪريو ۽ پاڪستان جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو عزم ڪيو.