اسلام آباد – 06 – ف??بر??ري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ت?? تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ڊاڪٽر??، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪ??ن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس به ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، مون ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ت?? تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، مون کيس چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽر??، پيراميڊڪس ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيه ۾ جاري ريسڪيو ۽ مدد جي ڪ??ن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي لاءِ موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به ضرورت جون شيون ۽ دوائون کڻي ترڪيه روانو ڪيو ويندو.