اسلام آ??اد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عز?? کي ورجائيندي چيو ??هي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل ??ي حوالي سان اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس سميت ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ ??مريڪا جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ??ه پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عز?? کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل ??ي حوالي سان اهم آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ??ه آمريڪا ٻوڏ کان بحالي سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.