اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم ا??غانستان جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??ڪج??تي جي م??بوط رشن جو بنياد آهن. هن افغانستان کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذڪر ڪندي افغان عوام جي م??لسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي م??ت??ل شموليت جي اهميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغانستان جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ??يو. ان کان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي خصوصي م??اون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ??يو.