اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊالر جي قرض جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ترقياتي حصيدارن خاص طور تي ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم بريس پروگرام تحت پا??ست??ن جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ سپورٽ جي منظوري تي بئنڪ جي بورڊ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر ماساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي ت??زي موسمياتي ت??ديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي ت??اه??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ت??قياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پا??ست??ن حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پا??ست??ني معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مستقل بحالي تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جو قرض پا??ست??ن جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ گذريل جمعي تي رقم جي منظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پا??ست??ن جي معيشت کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي امڪانن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي بي يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي بي ۽ پا??ست??ن حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي معاهدي تي صحيحون ڪيون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.