اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي آجيان ڪندي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پا??ستان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص معاون ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لا??اپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجويز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ پا??ستان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پا??ستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پا??ستان ۽ چين جي پراڻن لا??اپن جو عمده مثال آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پا??ي هيٺ آهن ۽ پا??ي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جنم ڏئي رهيون آهن. هن پا??ستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي پنهنجي پا??ستان جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وفد ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪو پا??ستان جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آهي. وفد پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پا??ستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي منصوبن تي فني معاونت فراهم ڪندو. چيني وفد لا??اپيل پا??ستاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.