آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار، توانائي ۽ رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ رابطن جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدمن ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهي اجلاس جي م??قعي تي م??اقات ۾ ٿيو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي م??ڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ حڪومت پاران شروع ڪيل بحالي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطري کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. صدر امام علي رحمان کيس ان سلسلي ۾ تاجڪستان پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن ۾ ٻوڏ بابت ضروري امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اضافي قافلي جي روانگي پڻ شامل آهي. وزيراعظم گذريل مهيني ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي م??قعي تي تاجڪ صدر سان پنهنجي م??اقات جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي رابطن، بين الپارلياماني رابطن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي م??اقاتن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٺوس تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. ان موقعي تي ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪو وچ ايشيا سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه جو مرڪز هوندو. وزيراعظم خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي روڊ ٽرانسپورٽ ۽ فضائي رابطن جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏ??و. هن تاجڪستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر اقتصادي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ ز??ين?? ۽ فضائي رابطي جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.