اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ماحولياتي ت??ديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماحولياتي ت??ديلين ۽ مسئلن جي حل بابت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان پاڪستان جي وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اجلاس جي ناروي جي وزيراعظم، مصر جي صدر سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو اجلاس شرم الشيخ مصر ۾ 6 کان 18 نو??بر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي وزيراعظم شهباز شريف کي سي او پي 27 اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ا??ار?? ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ماحولياتي ت??ديلين جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان هي 27 هون اجلاس هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جي ماحولياتي ت??ديلين جي حوالي سان پراثر آواز تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي ت????ون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ماحولياتي ت??ديلين تي موثر آواز اٿاريو هو. ماحولياتي ت??ديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي وزيراعظم شهباز شريف جي ت??ويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي ت????ون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جو اجلاس 15 کان 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.