اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، مت??ثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي برادري جي تعاون سان مت??ثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ مت??ثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ ??زي??اعظم شهباز شريف چيو ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آهي. ??زي??اعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. ??زي??اعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. ??زي??اعظم عالمي برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعاون جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ۽ آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.