حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀ??رت پاران مظلوم ڪ??ميرين تي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪشمير جي اصل رهواسين جي حقن جي خلاف ڪيل قانونسازي انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ڀ??رت مظلوم ڪ??ميرين جو استحصال ۽ گهيراءُ ختم ڪ??ي. شاگردن جي معاملن واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تنوير حسين ڦلپوٽو چيو ته ڪشميري ويجهي ماضي جي تاريخ جا سڀ کان وڏا مظلوم آهن، ڀ??رت ڪشميرين جي حقيقي آزادي کسي انهن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪاري قانون تحت ڪشمير جي اصل رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قب??ل نه ٿي ٿي سگهي، ڀ??رت جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي سيمينار کي اسٽوڊنٽس افيئرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شعيب شيخ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شاگرد وقاص ماڪا، بي ايس انگلش جي شاگردياڻي پرهه ۽ ميڪا ٽرانڪس انجنيئرنگ جي حماد راجپوت ڪشمير جي موضوع تي تقريرون ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر ٻار ڪشمير جي آزادي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جلد ان تان ڀ??رت جو باضابطا قبضو ختم ڪ??ايو ويندو.