اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن ک?? ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏ??اڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج اسان ڪشمير?? ڀائرن ڀينر?? جو استحصال ڪري رهي آهي. نجڪاري واري وزارت پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪاري واري وزير چيو ته ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشميري ڀينرن ڀائر?? جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ?? حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. نجڪاري واري وزير چيو ته عالمي انساني حق?? جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.