ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اقليتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) جي ميمبر ۽ پاڪستان هندو فورم جي صدر ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا چيو آهي ته دن??ا کي ڀارت تي ??ور ڏيڻ گهرجي ته هو 5 آگسٽ جي سمورن غيرقانوني، هڪ طرفن قدمن ۽ آبادي ۾ تبديلين کي واپس وٺي جيڪي هن والاريل علائقي ۾ کنيا آهن. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي ته جيئن ان ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي غيرقانوني خاتمي جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ??المي برادري کي ياد ڏياريو ويندو ته ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي جنهن تي ڀارت سمورن عالمي قانونن کي نظرانداز ڪندي ۽ عوام جي خواهشن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خ??اف ورزين ۾ ملوث آهي پر ڪشميرين رياستي ??هشتگردي جي باوجود مزاحمت جاري رکي آهي. هن چيو ته قابض فوج اڪثريتي مسلم آبادي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ??دم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ڀارت جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا ڇو ته 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري دهشتگردي جي وحشياڻي قبضي جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جذ??ي کي گهٽ نه ڪري سگهيو. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اها سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق يقيني بڻائي.