اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي نوجوان پاڪستاني ج??ل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو مثبت تاثر قدم ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاڪستاني ج??ل چاڙهو جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، نوجوان جبل چاڙهو پنهنجو اميج بهتر بڻائڻ ۽ مشهور ڪمپنين جي اسپانسرشپ متوجهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن، ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني ج??ل چاڙهو شهروزڪاشف، سرباز خان ۽ عبدالجوشي جي ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ، الپائن ڪلب آف پاڪستان (اي سي پي) جي صدر ۽ سيڪريٽري اي سي پي شرڪت ڪئي. صدر پاڪستان جي ج??ل چاڙهوئن جي ج??ل چاڙهي جي انتهائي چئلينجنگ ۽ مهم جوئي جي راند ۾ شاندار ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو، هن بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي چيو ته هو نوجوانن جبل چاڙهوئن لاءِ هڪ ماهر، تجربه ڪار برانڊ مينيجر مقرر ڪيو وڃي، جبل چاڙهوئن کي قومي ۽ عالمي ??مپنين جي اسپانسرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ضرورت آهي، ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته نوجوانن ڪوه پئما پرائم منسٽر جي ڊجيٽل اسڪل پروگرام مان فائدو کڻن، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ نوجوان جبل چاڙهوئن کي ضروري مدد فراهم ڪن.