اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڀارت جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ٻن سينئر عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري سخت احتجاج ڪ??و آهي. پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو ته اهي ريمارڪس مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن ۽ ان سا?? نه رڳو پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا جي مس??ما??ن جي جذبن کي ڌڪ لڳو آهي، ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان بي جي پي حڪومت پاران ڄاڻايل عهديدارن جي تاخيري ۽ بي ڪار قانوني ڪارروائي جي قدمن تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو جنهن سا?? مس??ما??ن جي درد کي گهٽ نٿو ڪري گسهجي، بيان ۾ چيو و??و آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ مس??ما??ن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ مس??ما??ن کي منظم طريقي سا?? بدنام ڪيو پيو وڃي، کيس پوئتي رکيو پيو وڃي ۽ کين بنياد پرست هندو هجوم جي منظم حملي جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ انتهاپسندن کي ڀارت جي مختلف رياستن جي سيڪ??ور??ي ادارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ترجمان چيو ته ڀارت ۾ مس??ما?? مخالف جذبن جو وڌڻ ۽ مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ سا?? گڏوگڏ فضول تاريخي دعوائن جو حوالو ڏئي مس??ما??ن کي انهن جي صديون پراڻي عبادتگاهن کان محروم ڪرڻ جي وڌندڙ ڪوششون ڀارتي معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي واضح نتيجن کانسواءِ ڪجهه نه آهي، بيان ۾ چيو و??و آهي ته پاڪستان بي جي پي جي قيادت ۽ ڀارتي حڪومت تي پرزور مطالبو ڪري ٿو ته هو بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي واضح طور تي مذمت ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته انهن جي خلاف فيصلائي ۽ قابل عمل ڪارروائي جي ذريعي انهن کان جوابدهي ڪئي وڃي، ڀارتي حڪومت کي عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميدارين جي باري ۾ به ياد ڏياريندي چيو ويو ته هو اقليتن کي انساني حقن جي خلاف ورزين کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي، انهن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي ۽ کين امن سا?? پنهنجي عقيدن تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت ۾ خطرناڪ حد تائين وڌندڙ ”هندوتوا“ سبب متاثر اسلامو فوبيا جو نوٽيس وٺي ان کي روڪي ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف انساني حقن جي منظم خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڀارتي عملدارن تي دٻاءُ وجهي.