اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جون تصويرون سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪس??ان جي تعمير ۽ تخريب جون ٻه ??صويرون ۽ ٻه ڪردار آهن، خادم پاڪس??ان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪس??ان دوستي جي ڪروٽ منصوبي جي دوري تي آهي جڏهن ته چار سال معيشت کي تباهه ۽ عوام کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر تي آهي. هن چيو ته هڪ طرف تعمير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آهي جيڪا 2013ع کان 2018ع تائين رهي ته ٻئي طرف ڊي چ??ڪ جي ڌرڻي وارو ٻيهر فساد مارچ جي سفر تي آهي، اهو آهي پاڪس??ان ۽ عوام جي خادمن ۽ فتني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.