اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قا??لي تي دهشتگر??ن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگر??ن جو پاڪستاني فوج جي قا??لي تي حملو مذمت جوڳو آهي، اهڙا واقعا امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته حوالدار طارق يوسف، س??اهي سليمان وقاص، س??اهي جنيد علي، س??اهي اعجاز حسين، س??اهي و??ار احمد، س??اهي محمد جواد امير ۽ سپاهي ارشد علي شهادت ماڻي. ملڪ ۽ قوم جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگر??ن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته شهي??ن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعاڳو آهيون.