اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاٽا کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ لاءِ ان جي ترقي تي ڌيا?? ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ ۾ واپاري ۽ ڪار??با??ي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ نئين ضم ٿيل ضلعي جي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ڪار??با?? ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته محدود وسيلن ۽ عالمي مالياتي بحران جي باوجود پاڪستان ڪووڊ – 19 جي وبا دوران ڪار??با??ي برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو، صدر اهڙن خيالن جو اظهار باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پي سي سي آءِ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ باجوڙ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر لالي شاهه، نائب صدر معراج الدين خان، ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، وفد صدر کي باجوڙ ضلعي جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ٻ??ايو ويو ته باجوڙ جي واپاري برادري کي ڪمرشل بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ افغانستان سان واپاري پوائنٽ کولڻ تي به زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته واپاري برادري کي حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن کان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوان ڪار??با??ي ماڻهو پنهنجو ڪار??با?? شروع ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي ڪار??با??ي قرضا حاصل ڪري سگهن ٿا. هن واپارين کي جديد ڪار??با??ي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي به ترغيب ڏني، جيڪي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ سان گڏوگڏ انهن جي ڪار??با?? جي پهچ کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صدر واپاري برادري کي اهو به چيو ته هو باجوڙ جي نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وزارت پاران شروع ڪيل آن لائن اسڪل ڊولپمينٽ جي ڊي جي اسڪلز پروگرام مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ مدد ڪن، صدر وفد کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن تائين پهچ جي خاطري به ڪرائي.