اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ت?? نور مقدم ڪيس ۾ پوليس ۽ پراسڪيوشن ذميواري پوري ڪئي ۽ عدالت چئن مهينن ۾ فيصلو ڏنو آهي، اهو انصاف جنهن جي اميد پاڪستاني عوام ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اميد آهي انصاف سان واڳيل ادارا عوام جي اميدن تي پورو لهندا ۽ رول آف ل??ء ۾ اضافو ٿيندو.