اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿيو، خصوصي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت جي سينئر افيسرن اجلاس ۾ شرڪ?? ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر 2021ع تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پا??ستان او آءِ سي پرڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪئي، ان اجلاس جي ڪاميابي ۾ اسان جي سمورن ادارن بي مثال ڪردار ادا ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪري پا??ستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس 22/23 مارچ 2022ع تي پا??ستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي وزير کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ۽ انهن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هداي?? ڪئي.