گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? جو ادارو افغانستان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته افغانستان جي ص??رت??ال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪري عورت?? جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان سمورا چاهيون ٿا ته افغانستان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابل?? ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قوم?? جو فرض آهي ته افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن وقت طالبان سان مفاهمت رکندي کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين الاقوامي بر??در?? سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بر??در?? کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.