اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ”ڪي فور“ منصو??و مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي شديد کوٽ درپيش آهي، پاڻي جي فراهمي جو اهو منصوبو تيز رفتار بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل حصيدار ان حوالي سان هم آهنگي سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور بابت ب??يف??گ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. واپڊا چيئرمين ليفٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين منصوبي جي باري ۾ صدر کي ب??يف??گ ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. واپڊا چيئرمين ڪراچي ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن تي تفصيلي ب??يف??گ ڏني، هن ٻڌايو ته جون 2021ع تا??ين ڪنسلٽنٽس ڪم شروع ڪري ڏيندا جڏهن ته ڊزا??ين ريويو آڪٽوبر 2021ع تا??ين مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته منصوبي تي فيبروري 2022ع ۾ ڪم شروع ٿيندو ۽ اهو آڪٽوبر 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.