اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم کي ڪلائميٽ سمٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪ??ڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم سان موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ قومي سلامتي واري خاص معاون ڊاڪ??ر معيد يوسف ملاقات ڪئي. ملڪ امين اسلم وزيراعظم کي ڪلائميٽ سمٽ ۾ پاڪستان کي ملندڙ دعوتنامي بابت آگاهه ڪيو.