اسلام آباد ??? 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪندي چوڌري فواد حسين کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جڏهن ته شوڪت ت??ين کي ناڻي ۽ روينيو واري وزارت جو ق??مدان سونپي ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ب??ان موجب شوڪت فياض احمد ترين کي خزاني ۽ روينيو واري وفاقي وزير جون ذميداريون ڏنيون ويون آهن، محمد حماد اظهر توانائي جو وفاقي وزير، مخدوم خسرو بختيار صنعت ۽ پيدوار ۽ سيد شبلي فراز سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير هوندو.