اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هائوسنگ جي منصوبن ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ، غيرقانوني هائوسنگ اسڪيم?? جا تفصيل لاڳاپيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ ۽ ع??ام کي انهن غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ خريد ۽ وڪري جي حوالي سان خبردار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ تيزي آڻڻ سان گڏوگڏ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس کي نيپرا پاران ڪنزيومر سروس مينوئل جي سمورين ڌرين جي مشاورت کانپوءِ منظوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته تعمير??ت ۾ سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪنزيومر ??ينوئل ۾ گرڊ ايريا، لوڊ اسيسمنٽ ۽ لوڊ ڪيٽيگري ۾ بهتر ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ترميمون ڪيون ويون آهن.