اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغان??تا?? جي لاءِ سڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرار جي سياسي حل لاءِ تعميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي ۽ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي ا??تي وڌڻ جو واحد رستو آهي، افغان??تا?? ۾ امن جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اقتصادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابطن جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي افغان??تا?? جي م??عود فائونڊيشن جي سربراهه احمد ولي م??عود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم احمد ولي م??عود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪ??تا?? ۽ افغان??تا?? ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آهن، هن افغان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊر جي طور تي م??حوم احمد ??اه?? مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي ا??تي وڌڻ جو واحد رستو آهي. وزيراعظم چيو ته افغان??تا?? کانپوءِ پاڪ??تا??، افغان??تا?? ۾ امن جي قيام جو سڀني کان وڏو خواهشمند آهي. ڇاڪاڻ جو ان تڪرار جي ڪري هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. افغان امن عمل جي تڪرار ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ??تا?? بين الافغان ڳالهين جي آغاز ۽ آمري??ا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي. بين الافغان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ افغان قيادت کي هڪ جامع، وسيع البنياد ۽ بامقصد ساسي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.