اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري کي پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چي?? آهي ته حڪومت ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آ??ي، ڇاڪاڻ جو ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪر پڙيان اسلام آباد ۾ جاپاني طرز تي وڻڪاري جي منصوبي جو افتتاح ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته وڻڪاري رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن کي بهتر مستقبل ۽ صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اڻٽر قدم آهي. مياواڪي جاپاني طرز وڻڪاري آ??ي، جنهن تحت روايتي طريقن بدران 10 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ۽ 30 ڀيرا وڌيڪ گهاٽا ٻيلا پوکي سگهجن ٿا، 10 ارب وڻ پوکڻ جي منصوبي تحت اسلام آباد ۾ اهڙي طرح جي 10 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي جاپاني طرز تي وڻڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آ??ي، اسان کي ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته لاهور ۽ پشاور جهڙا ميٽرو پوليٽن شهر ڪڏهن باغيچن جا شهر سڏرائيندا هئا پر آبادين ۽ آلودگي وڌڻ جي ڪري اهي شهر ساوڪ کان محروم ٿي ويا. هن چي?? ته هوا ۾ آلودگي جي ڪري ٻار ۽ وڏا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سراسري عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن چي?? ته اها صورتحال ان لاءِ پيدا ٿي ته لاهور جهڙي شهر ۾ وڻ وڍي شهر کي پٿرن جو جهنگ بڻايو ويو، ان صورتحال کي وڻڪاري ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چي?? ته اسان کي ماحول دوست زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، وڻڪاري ۽ ماڻهن جا ذهن تبديل ڪري اسان پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائي س??هو?? ٿا، هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ارب وڻ پوکڻ جو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ هاڻي اسان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ پوکڻ جو به هدف حاصل ڪنداسي??. و??يراعظم موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چي?? ته اهي ملڪ ۾ وڻڪاري جي منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪري رهيا آهن.