اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن لاءِ انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته تعميرات جي شعبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ڪورونا وبا جي ڪري معاشي نقصان جي ا????لي ۾ مدد ملندي، هو هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري ا??لاس کي آگاهه ڪيو ته 17 اپريل 2020ع کان هيستائين 877 رهائشي ۽ 10 صنعتي منصوبن جي تعمير لاءِ درخواستون مليون آهن، انهن ما?? 363 منصوبن جي ا??ازت ڏني وئي آهي جنهن جو ڪل تعميراتي ما??و 12 ملين اسڪوائر فوٽ ٺهي ٿو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ سيمنٽ، اسٽيل، ٽائلز ۽ سير اميڪ جي وڪري ۾ چڱي خاصو اضافو ڏٺو ويو آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪاغذن جي وقت سر جاچ پڙتال لاءِ ما??يٽرنگ جو آن لائين نظام موجود آهي، وزيراعظم چيو ته ڪر??چي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي ۽ ان لاءِ تعميرات جي شعبي ۾ به خاص اهميت رکندڙ آهي.