اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سميت ??مورن مرضن بابت جامع قومي ڊيٽا بيس ت??ار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ بيت ??لمال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ??ه پاڪستان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينسر سميت ??مورين بيمارين تي جامع قومي ڊيٽا بيس ت??ار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ??ه پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بيماري ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.