اسلام آ??اد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ ۽ را??طي جو پتو لڳائڻ جو جائزو ورتو ۽ صوبائي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضن جي حوالي سان باخبر رهي، ڪووڊ-19 جي مريضن سان را??طو ۽ قرنطينه جي لاءِ موجوده انتظامن ۾ اضافو ڪري، منصوبابندي واري وفاقي وزي?? اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٽيم اين سي او سي جي ذريعي ??لوچستان جي دوري بابت اپ ڊيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تعليم واري وزارت جي اهتمام هيٺ اسڪولن جي حوالي سان عمومي سوالنامو سان گڏ جواب ۽ ان وبائي ??ار?? جي حوالي سان انگ اکر، اندروني ملڪ سفر ڪندڙ مسافرن بابت پاليسي ۽ پاڪ ٽريڪ ايپليڪيشن پورٽل جو به جائزو ورتو، فورم کي بلوچستان جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ ڪورونا وائرس ٽيسٽنگ ۽ را??طي جو پتو لڳائڻ بابت ٽيم جي دوري جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو.