اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم ڪڻڪ کي عوام جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري م??صوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن آبادي جي ضرورتن موجب ڪڻڪ جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻائي ??گهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي م??ظوري ڏني. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان جاچ جي لاءِ ڪميشن جو قيام عوامي م??اد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ڪميشن جي سفارشن جي ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ذميوارين جي حوالي سان هدايت ڪئي ??ه سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان معاملي کي م??طقي انجام تائين پهچائين. وزيراعظم عمران خان جي هدايت موجب خاص معاونين پاران اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي ??ي حوالي سان ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت جي روشني ۾ سمورن خاص معاونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا پيا وڃن. تازي اطلاعن موجب هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خاص معاونين کي اڃا اثاثا جمع ڪرائڻا آهن جيڪ?? جمع ڪرايا ويندا. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??ڻڻ بابت قدمن جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي ڪڻڪ جي صورتحال، صوبائي ??ڪومتن پاران ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن جي صورتحال ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي ??ڻڻ جي حوالي سان صوبائي ??ڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.