اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان ٽي بي جي خاتمي لاءِ گلوبل فنڊ جي تجويز ڪيل قدمن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي ??يو آهي ته موجوده حڪومت معاشري جي سمورن طبقن کي معياري ۽ مناسب ??حت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڌ??ان ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه مختلف اسرندڙ ملڪن ۾ مرضن جي خاتمي لاءِ صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گلوبل فنڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيٽرز سينڊز جي قيادت ۾ اعليٰ عهديدارن جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ??ئي.