اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تعميراتي صنعت کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي استعمال تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪاروباري سرگرمين ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ، بدعنواني جي روڪٿام ۽ شفافيت يقيني ب??ائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پراسيس شروع ??ري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انجنيئر ارشد داد خان جي قيادت ۾ ڪنسٽرڪشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.