اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??المي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ آزادي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي حڪومت ??ار??ن انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان ??ي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو م??مل طور تي بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان ??ميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ نمايان ??هي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ??يو ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي آبادياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.