اسلام آ??اد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪ??ري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن جي اهلڪ??رن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آ??اد ۾ 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون و??ري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته انتشار ڦهلائيندڙن بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران ملڪ جي گادي و??ري شهر تي چڙهائي ڪئي جيڪا اسان جي لاءِ شديد شرمندگي جو سبب بڻي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي تي اڳڀرائي جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪندڙن، سرڪ??ري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن جي اهلڪ??رن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجوده د??ر جي گهرجن موجب عالمي معيار جي فسادن جي خلاف فورس جوڙي ويندي، اسلام آ??اد سيف سٽي ۾ ف??رن??ڪ ليب شامل ڪري ان کي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو ۽ ان جي لاءِ ضروري وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واردات جي موقعي تان هٿيار، فائرنگ جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪارتوس ۽ خول ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ثبوت ف??رن??ڪ جي لاءِ موڪليا ويندا، واردات جي موقعي تي موجود فسادين جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ کانپوءِ سمورن فسادين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.