رام الله-04 ڊسمبر (اي پي پي)فلسطين يج صدر محمود عباس زور ڀريو آهي ته غزه فلسطيني رياست جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ هو ان جي ڪنهن به حصي کي الڳ ڪرڻ، قبض?? ڪرڻ يا ڌار ڪرڻ جي اسرائيلي منصوبي کي رد ڪري ٿو. چيني ذريعن موجب فلسطين جي سرڪاري خابرو اداري جي ??وا??ي سان ٻُڌايو ته هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن آمريڪي نائب صدر ڪملا هيريس سان گڏ ٽيليفونڪ دوران ڪيو. فلسطيني صدر چيو ته غزه تي اسرائيلي جارحيت کي فوري طور تي روڪڻ ۽ شهرين کي تباهيءَ کان بچائڻ جي ضرورت آهي. هن آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته هو فلسطيني شهرين خلاف اسرائيلي حملن، قتل، جاين کي پَٽ ڪرڻ ۽ فلسطيني شهرين کي اولهندي ڪناري، والاري بيت المقدس ۽ وادي اردن جي علائقي مان بي دخل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ مداخلت ڪري. فلسطيني صدر چيو ته عالمي قراردادن تي ٻَڌل ٻه رياستي حل جي لاڳ?? ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهن جي شروعاتي فلسطين کي گڏيل قومن ۾ مڪمل رڪنيت جي فراهمي ۽ عالمي امن ڪا??فرنس جي ڪنوينشن مان هئڻ گهرجي.