حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي، اڏار پاڪستان سان ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ۽ سماجي ترقي ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي ۽ هاڻي اسان جو هدف ان کي معاشي واڌويجهه ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ”اڏار پاڪستان“ انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي جنهن سان ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ۽ سماجي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي 2024ع ۾ دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهتر ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ هاڻي اسان کي ميڪرو سطح تي استحڪام کي معاشي واڌويجهه ۾ تبديل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي اسان جو اصل هدف ۽ هڪ چئلينج به آهي جنهن جي لاءِ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جون تجويزون تمام اهم آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪراچي روشنين جو شهر آهي ۽ اسان جي واپار، ماليات ۽ برآمدات جو مرڪز آهي ۽ هن شهر جي سيڙپڪارن جون تجويزون ۽ راءِ اسان جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ لاڀائتيون ثابت ٿينديون. هن ڪاروباري اڳواڻن ۽ سيڙپڪارن کي وفاقي گادي واري شهر اچڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن معيشت جي حوالي سان ساڻن کلي ڳالهه ٻولهه ٿئي. ٽيڪس وصولي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل 6 مهينن دوران آءِ ايم ايف جو هدف جي ڊي پي جي تناسب سان 10.5 سيڪڙو هو پر اسان 10.8 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو ۽ هاڻي وڌيڪ رفتار وڌائڻ جي لاءِ اسان کي بئنڪن کان سرمائي ۽ قرضن جي ضرورت آهي. هن پاليسي ريٽ ۾ 22 سيڪڙو کان 13 سيڪڙو تائين گهٽتائي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان پاڻ کي تيار رکي ان کي وڌيڪ هيٺ کڻي وينداسين. هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ آهيون ۽ آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن جي پاسداري ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن وقت ايندو ته اسان آءِ ايم ايف پروگرام کي الوداع چئي ڇڏينداسين پر هن وقت اسان کي هدفن کي حاصل ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان کي بصيرت ۽ دانشمندي سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ برامدات رکندڙ واڌويجهه کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته ان ڏس ۾ ٺوس تجويزن ۽ سفارشن جي ضرورت آهي ته اسان روانگي واپار رکندڙ واڌويجهه کي ڪيئن حاصل ڪري سگهون ٿا. هن زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اسان جي سرزمين جي هيٺ کربين ڊالر جا قدرتي وسيلا موجود آهن. هن چيو ته تازو ئي هتان جو دورو ڪندڙ اولهندي سيڙپڪارن مٽيءَ هيٺ خزانن جي ڳولا ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي ۽ اهي خام مال کڻڻ بدران هتي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ توهان جي تعاون ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان ملڪ کي ترقي سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي سگهون. هن چيو ته هتي وڏا وڏا واپاري ۽ سيڙپڪار موجود آهن جيڪي لکين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهن ۽ ٽيڪس ڏين ٿا. وزيراعظم نجڪاري جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته نجڪاري جو عمل سئو سيڪڙو شفافيت تي ٻڌل آهي. هن چيو ته مون کي خوشي ٿيندي ته ان حوالي سان توهان ماڻهو تجويزون ڏيون ته ان کي ڪهڙي طرح وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ٻاهرئين ادارن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن جي انضمام جو ٻوٽو هاڻي وڌي وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي برادري ۾ وڃايل مقام حاصل ڪندو، جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ کي پائيدار واڌويجهه طرف وٺي وڃڻ ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج گذريل هڪ سال ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، انڊيڪس ۾ 65 هزار پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، لسٽڊ ڪمپنين جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي، وڌيڪ آءِ پي اوز اچي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي سان ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان ايس بي اي ۽ توسيعي فنڊ سهولت پروگرام جو بنيادي مقصد ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار واڌويجهه طرف وٺي وڃڻو هو جنهن جا بهترين نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ سبزواري چيو ته ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي آئي آهي، اسان پنهنجي چيني حصيدارن جا پڻ ٿورائتا آهيون، چيني اسٽاڪ ايڪسچينجز سان اسان جي بهترين حصيداري آهي، اسان چين جي ٽن اسٽاڪ ايڪسچينجز سان ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن ۽ اسان جي وچ ۾ فني سهڪار جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ سال ۾ 80 سيڪڙو جو ريٽرن ڏنو آهي جيڪو مارڪيٽ جي بهترين ڪارڪردگي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ ۾ 525 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، 70 سيڪڙو ٽريڊنگ واليوم شريعه ڪمپلائنٽ آهي جڏهن ته هن وقت مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڪاٿو 52.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن کي 100 ارب ڊالر تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته نئين اسٽارٽ اپس ۽ نئين ڪمپنين جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ بچت ۽ سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان ضروري آهي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڪراچي جي واپاري برادري جا نمائندا ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : کڑک
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس