اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آ??ي ته يونان ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙن مان چئن پاڪستاني شهرين جي سڃاڻپ ٿي وئي آه??. پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته اسان گهري ڏک سان اعلان ڪريون ٿا ته يوناني عم??دارن پاران شيئر ڪيل تازه ترين معلومات موجب ڇنڇر ڏينهن يونان جي جزيري ڪريٽ جي ڏکڻ ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙن مان چئن پاڪستاني شهرين جي سڃاڻپ ٿي آه??. ترجمان چيو ته ايٿنز ۾ اسان جو مشن يوناني عم??دارن سان رابطي ۾ آه?? ته جيئن بچي ويلن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ لاشن کي وطن واپس آڻي سگهجي.