اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ??يو آهي ته پاڪستان آذربائيجان وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير خضر فرحاديو سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين ??يو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻه لاڳاپا ثقافتي ۽ مذهبي قدرن سان جڙيل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ مذهبي قدرن تي ٻَڌل لاڳاپا قائم ??هن. سيد يوسف رضا گيلاني ??يو ته پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جي مؤقف جي هر ا??م فورم تي حمايت ڪئي آهي. آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ٿيندڙ سي او پي 29 ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڀرپور ا??داز ۾ شرڪت ڪندو. هن ??يو ته اسان جي ٻه طرفي واپار ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته اسان جو ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو هاڻ تائين پنهنجي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته پاڪستان جو راباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي نقطه نظر جي حمايت ڪري ٿو، ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني نقطه نظر جي حمايت تي آذربائيجان جا شڪرگذار آهيون. هن ??يو ته اسلام آباد/لاهور/ڪراچي ۽ باڪو وچ ۾ هفتي دوران 6 اُڏامون هلي رهيون آهن جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ چيئرمين ??يو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ به انتهائي اهميت رکي ٿي، اها ڳالهه سٺي آهي ته سمورن علائقائي ۽ عالمي تنظيمن خاص طور گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايس سي او ۾ اسان جو ٻه طرفو سهڪار مضبوط ۽ غير متزلزل آهي. هن ??يو ته اعليٰ سطح تي پارلياماني وفدن جي ڏي وٺ ۾ تيزي آڻڻ جي س??ت ضرورت آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوامي س??ح تي رابطن کي وڌيڪ تقويت ملندي. صدر ا??هام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان نمايان ترقي ڪئي آهي، پاڪستان آذربائيجان جي ترقي، خوشحالي ۽ امن امان جي قيام جي حوالي س??ن قدمن کي س??راهي ??و. ??ينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي قيادت، آذربائيجان جي ملي مجلس جي س??براهه ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سفير خضر فرحاديو ??يو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم ??هن، آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش رکي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن سان ڀرپور فائدو ک??يو ويندو.