وزيراعظم شهباز شريف پاران شهيد ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش

image

اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شهيد ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سيد علي گيلاني جهڙي طرح پنهنجي زندگي ۾ ڪشمير جي آزادي جي حوالي سان اهم هو اڄ شهيد ٿيڻ کانپوءِ به آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جو استعارو هو، هو جسماني طور تي ڪمزور پر سندس عزم انتهائي مضبوط ۽ پڪو هو، هن ڀارتي قبضي کان آزادي جي نظريي کي پنهنجي ايماني جذبي سان مزاحمتي تحريڪ ۾ بدلائي اڳتي وڌايو.

مضمون کا ماخذ : فنکی پھل